سنڌ حڪومت جمهوريت جي آڙ ۾ غير قانوني ڪم ڪري رهي آهي:شهر يار مهر

Shahryar-khan

فنڪشنل ليگ ايم پي اي شهر يار مهر چيو آهي ته سنڌ حڪومت جمهوريت جي آڙ ۾ غير قانوني ڪم ڪري رهي آهي ۽ صوبي ۾ جمهوريت جي نالي تي آمريت آهي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شهر يار مهر چيو ته سانگهڙ ۾ رينجرز جي حق ۾ نڪرندڙ ريلي تي فائرنگ ڪئي وئي آهي ۽ ٽنڊي آدم کان آندل هٿياربندن فائرنگ ڪئي آهي.

هن چيو ته رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ سنڌ حڪومت کي ڪرڻي آهي ۽ سنڌ اسيمبلي شخصيتن کي بچائڻ لاءِ استعمال ٿي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*