دبئي فلم فيسٽول ۾ ڀارت جي مشهور گلوڪاره آشا ڀونسلي کي ايوارڊ سان نوازيو ويندو

دبئي فلم فيسٽول اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، جتي ڀارت جي مشهور گلوڪاره آشا ڀونسلي کيلائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ سان نوازيو ويندو .

لتا منگيشڪر جيان ڀارت جي ليجنڊري پلي بيڪ سنگر آشا ڀونسلي به شايد پوڙهي نه ٿي آهي، سندس فني سفر اڄ به عروج تي آهي.

آشا ڀونسلي نه رڳو لوڪ، ڪلاسيڪيل ۽ غزل کي وڏي خوبي سان ڳايو پر هن پاپ موسيقي ۾ پاڻ مڃرايو،

ڇهن سالن جي ڳائڪي واري دور سبب آشا کي نه رڳو ڀارت پر پرڏيهه به مڃتا ملندي رهي آهي، سندس نالو گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ به شامل ڪيو ويو آهي.

شاندار فني خدمتن عيوض کيس  لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ سان نوازيو ويندو ، اهڙي اعلان تي آشا ڀرپور خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

اڄ کان شروع ٿيندڙ دبئي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول 17 ڊسمبر تائين جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*