سنڌ هاءِ ڪورٽ سپر ماڊل ايان علي جو اي سي ايل مان نالو خارج ڪرڻ لاءِ درخواست تي وفاقي سرڪار ۽ ايف آءِ اي کي 23 ڊسمبر تي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري

ayanalicourt22-8

سنڌ هاءِ ڪورٽ سپر ماڊل ايان علي جو اي سي ايل مان نالو خارج ڪرڻ لاءِ درخواست تي وفاقي سرڪار ۽ ايف آءِ اي کي 23 ڊسمبر تي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، راولپنڊي جي احتساب عدالت پاران ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ايان علي اڄوڪي ٻڌڻي کان آجي قرار، 23 ڊسمبر تي سمورا شاهد رڪارڊ سميت طلب

سنڌ هاءِ ڪورٽ سپر ماڊل ايان علي جي اي سي ايل مان نالو خارج ڪرڻ لاءِ درخواست تي وفاقي سرڪار ۽ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي23 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو، جڏهن ته راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ کيس اڄوڪي حاضري کان آجو قرار ڏئي 23 ڊسمبر تي سمورن گواهن کي طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ڊويزن بئنچ سپر ماڊل ايان علي جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان نالو خارج ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ماڊل ايان علي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجي وڪيل معرفت موقف اختيار ڪيو ته هــُوءَ پروفيشنل ماڊل آهي ۽ سندس والده جو دبئي ۾ بزنس آهي.

ايان علي درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته سندس والده جي طبيعت خراب هجڻ سبب هــُوءَ دبئي وڃڻ چاهي ٿي، عدالت پاسپورٽ به جاري ڪرايا پر وفاقي سرڪار اي سي ايل مان نالو خارج نه ڪري رهي آهي.

سپر ماڊل ايان علي عدالت کي استدعا ڪئي ته سندس نالو اي سي ايل مان خارج ڪرايو وڃي ته جيئن هــُوءَ ماءُ سان ملڻ لاءِ پرڏيهه وڃي سگهي.

عدالت اهڙي درخواست تي وفاقي سرڪار ۽ ايف آءِ اَي کي نوٽيس جاري ڪندي 23 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ٻئي طرف راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ماڊل ايان علي کي ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ اڄوڪي ٻڌڻي کان آجو قرار ڏيندي 23 ڊسمبر تي سمورن گواهن کي طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*