وزيراعظم نواز شريف 16 ڊسمبر کي هـَر سال قومي عزمِ تعليم طور ملهائڻ ۽ پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول يونيورسٽي جي قيام جو اعلان

nawaz-sharif

وزيراعظم نواز شريف 16 ڊسمبر کي هـَر سال قومي عزمِ تعليم طور ملهائڻ ۽ پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول يونيورسٽي جي قيام جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پشاور سانحي سڄي قوم کي ڌوڏَي ڇڏيو هو، شهيد ٻارڙن جي رت جي هـِڪ هڪ ڦـُڙي جو حساب ورتو ويندو ۽ علم جي شمع وسائيدڙن جو وجود ختم ڪيو ويندو.

پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي مـُک ورسي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته هڪ سال اڳ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ دردناڪ سانحو پيش آيو، هــــُو ڏک ۽ غم جي بوجهه سان گڏ شهيد ٻارڙن جي وارثن سان ايڪي طور هتي آيا آهن.

هن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کانپوءِ جڏهن پشاور جي سرزمين تي قدم رکيو هو ذهن ۾ هڪ ئي سوال هو ته ڇا اڃا به اهو وقت ناهي آيو ته ورهاست جي لڪير کي ختم ڪري دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ ٿي وڃون.

وزيراعظم چيو ته پشاور سانحي کانپوءِ ملڪ جي سياسي ۽ فوجي قيادت هڪ هنڌ ويٺي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان سان گڏ فوجي عدالتن جي قيام لاءِ 21 هين آئيني ترميم ڪئي وئي.

هن چيو ته 16 ڊسمبر 2014 جي الميي ڀلي کين ڌوڏي ڇڏيو هجي پر ان ڏهاڙي کين هڪ اتحاد ۾ جوڙي ڇڏيو آهي، ملڪ مان هشتگردي جو خاتمو آڻي ئي سک جو ساهه کنيو ويندو ۽ اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن پاڪستان ۾مڪمل طور تي امن قائم ٿي ويندو.

آپريشن ضرب عضب جو ذڪر ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته دهشتگردن جا ٿاڪ ۽ انفراانسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پاڪ فوج آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي قيادت ۾ بي پناهه ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.

وزيراعظم چيو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي سان گڏ توانائي جي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ به قدم کڻي رهي آهي، ڪراچي کي ڏوهارين کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، بلوچستان ۾ به امن امان جي بحالي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، ايندڙ نسل کي روشن ۽ ترقيءَ جي رستي وارو پاڪستان ڏنو ويندو.

ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف 16 ڊسمبر کي هر سال قومي عزم تعليم طور ملهائڻ ۽ پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول يونيورسٽي جي قيام جو به اعلان ڪيو……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*