بهتر سوچ ذريعي ئي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي،پشاور سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو:آصف زرداري/عمران خان

imran-asif

اڳوڻي صدر، آصف زرداري آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيد جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته بهتر سوچ ذريعي ئي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جو چوڻ آهي ته پشاور سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو..

پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۾ شهيد ٻارڙن جي پهرين ورسي جي موقعي تي پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سميت ٻين سياسي اڳواڻن شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

جاري ڪيل بيان ۾ آصف زرداري چيو ته اڄوڪو ڏينهن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي واري عزم کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي.

هن چيو ته دهشتگردن ۽ انتهاپنسدن جو ڪنهن رنگ، نسل يا مذهب سان واسطو ناهي هوندو، بيگناهه ٻارڙن تي گوليون هلائيندڙ پوري قوم جا دشمن آهن.

آصف زرداري وڌيڪ چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول حملي جي شهيدن جون قرباني رائيگان نه وينديون، انتهاپسندي کي شڪست ڏيڻ لاءِ پوري قوم پرعزم آهي.

ٻئي پاسي عمران خان چيو ته پشاور سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، آپريشن ضرب عضب ۽ قومي ايڪشن پلان تحت انتهاپسندن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي.

عمران خان چيو ته شهيد ٻارڙن جي وارثن جي ڏک ۾ هــــُــو برابر جو شريڪ آهي، شهيدن جون عظيم قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*