سيٺارجا ۾ حد دخلين خلاف آپريشن دوران واپارين مزاحمت ڪندي ٽي ايم او کي زخمي ڪري ڇڏيو

setharaja16-12-15

سيٺارجا ۾ حد دخلين خلاف آپريشن دوران واپارين مزاحمت ڪندي ٽي ايم او کي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد واپارين مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

ٽي ايم اي ميرواهه جي اڳواڻي ۾ حد دخلين خلاف آپريشن ڪندي شهر ۾ ڪيترن ئي دڪانن جا ڇپرا ڊاهي پٽ ڪيا ويا.

ڪارروائي دوران واپارين انتظاميه سان مزاحمت ڪئي، جنهن ۾ ٽي ايم او تجل صديقي زخمي ٿي ويو، جنهن بعد آپريشن بند ڪيو ويو.

حد دخليون هٽائڻ خلاف واپارين احتجاجي ريلي ڪڍي مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

مظاهرين چيو ته ٽي ايم او انتظاميه سالن کان قائم  دڪانن تي آپريشن ڪري لکين رپين جو نقصان ڪيو آهي،جنهن  جو کين معاوضو ڏنو وڃي.

هوڏانهن انتظاميا جو چوڻ آهي ته غير قانوني طور حد دخليون قائم ڪرڻ خلاف آپريشن ڪيو ويو، انتظاميه تي حملو واپارين تي ڪيس داخل ڪرايو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*