لاڙڪاڻو ۾ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽي ۾ سيڪريٽري لوڪل گورنميٽ 16 ملازمن جي جعلي ڀرتي هئڻ جو انڪشاف

larkanasindh-highi-cort

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ  لاڙڪاڻو ۾ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي 22 ملازمن کي پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف ٻڌڻي دوران سيڪريٽري لوڪل گورنميٽ 16 ملازمن جي جعلي ڀرتي هئڻ جو انڪشاف ڪيو آهي،  سيڪريٽري لوڪل گورنميبت چيو آهي ته ڪي ايم سي مان به 7 هزار جعلي ملازمن کي نيڪالي ڏني وئي آهي، جلد ملازمن جي تصديق لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم متعارف ڪرايو ويندو.

سننڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي 22 ملازمن کي پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ عبدالفتاح عمران عدالت کي ٻڌايو ته ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي ڄاڻايل 22 ملازمن مان 16 ملازمن غير قانوني طور ڀرتي ٿيل آهن.

عدالت اهڙي آگاهي تي ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي 16 ملازمن جي ڀرتي وارو رڪارڊ طلب ڪندي ٻڌڻي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

مڪاني ادارن واري سيڪريٽري فتاح عمران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 56 ٽائون آفيسرز کي معطل ڪيو ويو، جن مان 22 کي رڪارڊ جي جاچ پڙتال بعد بحال ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته لاڙڪاڻَي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ 275 جعلي ملازم هئڻ بابت ڄاڻ ملڻ بعد جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن به جاچ ڪري رهيا آهن، سمورن جعلي ملازمن کي فارغ ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته لاڙڪاڻي ميونسپل ۾ جلد بائيو ميٽرڪ سسٽم متعارف ڪرايو ويندو، ڪي ايم سي مان پڻ 7 هزار جعلي ملازم فارغ ڪيا ويا آهن.

مڪاني ادارن واري سيڪريٽري فتاح عمران چيو ته نساسڪ ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جنهن جو ڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ لاءِ غور ويچار جاري آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*