رينجرز جي اختيارن وارو مامرو اڄ نبري ويندو، وڏي وزير جي مصروفيتن سبب دير ٿي آهي:منظور وساڻ

manzoor

صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته رينجرز جي اختيارن وارو مامرو اڄ نبري ويندو، وڏي وزير جي مصروفيتن سبب دير ٿي آهي، ڊاڪٽر عاصم واري معاملي کي غلط رنگ نه ڏنو وڃي.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته وڏي وزير قائم علي شاهه جي مصروفيتن سبب رينجرز جي اختيارن وارو معاملو حل نه ٿي سگهيو، جيڪو اڄ نبري ويندو.

هن چيو ته رينجرز سان اختلاف ناهن، اجائي واويلا بند ٿيڻ گهرجي، ڊاڪٽر عاصم حسين واري معاملي کي غلط رنگ نه ڏنو وڃي، هــُو ڪنهن جي به داٻن ۾ اچڻ وارا نه آهن.

منظور وساڻ چيو ته سانگهڙ واقعي تي افسوس، اميد آهي ته چونڊون پرامن ٿينديون، امن امان جي صورتحال بهتر آهي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ منظور وساڻ چيو ته سندس خيال ۾ هــُو 27 ڊسمبر تي ڏيهه نه ايندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*