ايندڙ سال فيبروري ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ رٿيل پهرين پاڪستان سپر ليگ جي شيڊيول جو اعلان

PSI

ايندڙ سال فيبروري ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ رٿيل پهرين پاڪستان سپر ليگ جي شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو آهي، پهرين ميچ ڪوئٽه ۽اسلام آباد جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

فيبروي مهيني ۾ رٿيل پاڪستان سپر ليگ جي فائنل لاءِ رسائي لاءِ سيمي فائنلز جي جاءِ تي ٽي پلي آف ٿيندا.

شيڊيول مطابق پي ايس ايل 4 فيبروري کان 23فيبروري تائين شارجھ ۽ دبئي ۾منعقد ٿيندي،جنهن ۾ مجموعي طور تي 24 ميچز کيڏيون وينديون.

پهرين ميچ دبئي ۾ اسلام آباد ۽ڪوئٽه جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻئي ڏينهن ايونٽ جون ٻه ميچز ٿينديون، جنهن ۾ لاهور جو مقابلو ڪراچي ۽ پشاور اسلام آباد سان مهاڏو ٽڪائيندي.

فارميٽ مطابق پي ايس ايل ۾سيمي فائنل جي جاءِ تي ٽي-پلي آف  ميچ ٿينديون جنهن ۾ پهرين ٻه پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽيمون ميچ ون ۾، جڏهن ته ٽين ۽ چوٿين پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽيمون ميچ ٽو ۾ مقابلو ڪنديون.

پهرين پلي آف جي ناڪام ٽيم ٻين پلي آف جي ڪامياب ٽيم ميچ ٿري ۾ مقابلو ڪنديون.

ايونٽ جي فائنل پلي آف ون ۽ پلي آف ٿري جي فاتح ٽيمن وچ ۾ 23فيبروري تي هڪ ٻئي سامهون ٿينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*