سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ ۽ فوج مقرر ڪرڻ بابت داخل درخواست تي وفاق ۽ صوبائي حڪومت کي نوٽيس جاري

Sindh High Cooort

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ ۽ فوج مقرر ڪرڻ بابت داخل درخواست تي وفاق ۽ صوبائي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 22 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته رينجرز کي اختيار نه مليا ته ڪراچي ۾ شهرين جي جان، مال ۽ عزت غير محفوظ بڻجي ويندي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ ۽ فوج مقرر ڪرڻ بابت مولوي اقبال حيدر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ آئيني مشينري ناڪام ٿي چڪي آهي، حڪومت سياستدانن ۽ آفيسرن جي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ رينجرز کي اختيارن کان محروم ڪيو آهي، جيڪو بدنيتي تي ٻڌل آهي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، رينجرز کي اختيار نه مليا ته شهرين جي جان، مال ۽ عزت غير محفوظ بڻجي ويندي.

عدالت اهڙي درخواست تي وفاق ۽ سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 22 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*