فيس فوڪ، گوگل ۽ ٽوئٽر جرمني سان هڪ معاهدي تي اتفاق،ڪمپنيون پنهنجي ويب سائٽس تي نفرت پکيڙيندڙ مواد 24 ڪلاڪن اندر هٽائڻ جون پابند هونديون

web

امريڪا ۽ روس شام ۾ امن جي قيام لاءِ ويانا ۾ طئي ڪيل فارمولا  جي گڏيل قومن ۾ منظوري تي اتفاق ڪري ورتو آهي پر صدر بشار الاسد جي مستقبل بابت ٻنهي ملڪن جا اختلاف نبري نه سگهيا آهن.

امريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري شام ۾ ساڍن چئن سالن کان جاري گهرو ويڙهه جي خاتمي بابت روس ۽ امريڪا وچ ۾ موجود اختلافن کي ختم ڪرڻ لاءِ ماسڪو جي ياترا تي آهي، جتي هن صدر ولادمير پيوٽن سميت پنهنجي روسي هم منصب سرگي لاروف سان ملاقاتون ڪيون.

ماسڪو ۾ ملاقات کانپوءِ امريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري ۽ سندس روسي هم منصب سرگي لاروف گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته جمعي تي عالمي طاقتن جا نمائندا نيويارڪ ۾ گڏ ٿيندا، جتي گڏيل قومن کان ويانا ۾ شام جي بحران جي حل لاءِ امن عمل جي اصولن جي منظوري ورتي ويندي.

سرگي لاروف جو چوڻ هو ته امريڪا ۽ روس شامي مخالف ڌر جي وفد ٺاهڻ جهڙن تڪراري معاملن تي ڳالهيون جاري رکندا.

جان ڪيري جو چوڻ هو ته امريڪا ۽ روس ۾ ڪجهه معاملن تي اتفاق ٿي چڪو آهي، جن ۾ دهشتگرد گروپن جو معاملو به شامل آهي.

جان ڪيري روسي صدر ولادمير پيوٽن سان ملاقات م چيو ته روس ۽ امريڪا ۾ واضح تبديلي آڻڻ جي قابليت آهي.

امريڪا ۽ روس وچ ۾ شامي بحران جي حل ۾ صدر بشارالاسد جي ڪردار تي بنيادي اختلاف آهي، امريڪا چاهي ٿو ته صدر بشار الاسد اقتدار کان ڌار ٿي وڃي پر روس جو موقف آهي ته صدر جي مستقبل جو فيصلو رڳو شامي عوام ئي ڪري سگهي ٿو.

روس سيپٽبمر مهيني کان داعش خلاف شام ۾ هوائي حملا ڪري رهيو آهي، جنهن تي امريڪا اعتراض واريندي الزام مڙهي ٿو ته روسي حملا شامي باغين خلاف آهن پر ماسڪو اهڙن الزامن کي رد ڪري ٿو.

سوشل ميڊيا جي مقبول ويب سائيٽس فيس فوڪ، گوگل ۽ ٽوئٽر جرمني سان هڪ معاهدي تي اتفاق ڪيو آهي ته  ٽئي ڪمپنيون پنهنجي ويب سائٽس تي نفرت پکيڙيندڙ مواد 24 ڪلاڪن اندر هٽائڻ جون پابند هونديون.

جرمني جي انصاف واري وزير هائيڪو ماس ٻڌايو ته انهن قدمن سان اها ڳالهه يقيني بڻجي ويندي ته جرمن قانون آن لائن دنيا تي به لاڳو ٿي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا انتهائي ساڄي ڌر جا خيال رکندڙ مانحن جو ميلو نٿو بڻي سگهجي، ٽنهي ڪمپنين ۾ خاص ماهر ٽيمون نفرت پکيڙيندڙ مواد بابت شڪايتن جو جائزو وٺنديون، جنهن سان اهڙين پوسٽس کي رپورٽ ڪرڻ آسان هوندو.

هائيڪو ماس جو چوڻ هو ته شڪايتن جو جائزو وٺندڙن لاءِ بنياد انٽرنيٽ ڪمپنين جي ضابطن بدارن جرمن قانون هوندو.

جرمن پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته جڏهن اظها رجي آزادي جي حد پار ٿئي، جڏهن ڏوهن کي هٿي وٺرئي وڃي يا ماڻهن کي ڊيچارڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جي ڳالهه هجي ته ان قسم جي مواد کي انٽرنيٽ تان هٽائڻ گهرجي.

جرمني ۽ سماجي ويب سائيٽس وچ ۾ هي معاهدو ان وقت ٿيو آهي، جڏهن جرمني ۾ آن لائن نسل پرستي ۾ واڌاري جا اطلاع سمهون آيا آهن، جرمني هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ اٽڪل 10 لک پناهگيرن کي پناهه ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، شام، عراق ۽ افغانستان مان ايندڙ هزارين پناهگيرن کي پناهه ڏيڻ جي اعلان کانپوءِ جرمني ۾ حڪومت کي نيو نازي نظرئي حامين ۽ قومپرستن کان سخت ردعمل جو انديشو آهي.

جرمني جي انصاف واري وزير هائيڪو ماس ماضي ۾ فيس بڪ تي تنقيد ڪندي چئي چڪو آهي ته ڪمپني پنهنجي واهپيدارن جي صفحن تان اگهاڙيون تصويرون هٽائڻ ۾ گهڙي به نه لڳائيندي آهي پر ان ئي ويب سائيٽ تي نسل پرستي ۽ ٻين ملڪن جي ماڻهن بابت غير مهذب تبصرا موجود رهن ٿا.

فيس بوڪ جو موقف آهي ته هو نفرت کي هٿي ڏياريندڙ اڳرائي وارن تبصرن بابت اطلاع ڏيڻ لاءِ پنهنجي واهپيدارن تي ڀاڙيندا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*