چئن سالن دوران 21 سئو 74 ڪرپشن ڪيسز جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي: زاهد حامد

islamabadnationalassemblyi0

پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير  زاهد حامد قومي اسيمبلي کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته چئن سالن دوران 21 سئو 74 ڪرپشن ڪيسز جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو پيو وڃي.

پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير زاهد حامد ڪرپشن ڪيسز بابت ايوان کي آگاهي ڏيندي چيو ته چئن سالن دوران 2174 ڪيسز جي جاچ مڪمل ڪئي وئي.

هن چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ 2 هزار 2سئو 50 ڪرپشن ڪيسز التوا هيٺ آهن، 900ڪيسز جي جاچ مڪمل ڪري 752 نوان ريفرنسز داخل ڪيا آهن.

هن چيو ته حڪومت جي ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ پاليسي واضح آهي، بدعنوانين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*