ٺل جي يوسي نئون جي پولنگ سـُکيو ڪنراڻي تي اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر بيلٽ پيپرز تي سرعام ٺپا

thul-tapa

ٺل جي يوسي نئون جي پولنگ سـُکيو ڪنراڻي تي رهجي ويل مڪاني چونڊن جي پولنگ دوران اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر بيلٽ پيپرز تي سرعام ٺپا هڻندي نظر آيو، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر غلام سرور سومرو ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، ساڳي يوسي جي هڪ ٻي پولنگ اسٽيشن حيات سرڪي تي فرنيچر نه هئڻ سبب پرزائيڊنگ اسٽاف کٽ ۽ پٽ تي ويهي پولنگ ڪرائي رهيا آهن.

ٺل ۾ مڪاني چونڊن جي رهيل سيٽن لاءِ پولنگ دوران هڪ پولنگ اسٽيشن تي اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسر سر عام ٺپا هڻندي پڪڙجي پيو، ٻي پولنگ اسٽيشن تي پولنگ اسٽاف فرنيچر نه هئڻ ڪري پٽ تي ويهي ووٽ ڪاسٽ ڪرائيندي نظر آيو.

يوسي ٺل نئون ۾ ٺل چيئرمين ۽ وائيس چئيرمين جي چونڊ لاءِ پولنگ دوران پولنگ اسٽيشن سـُکيو ڪنراڻي تي ڪي ٽي اين نيوز جي ٽيم پهتي ته اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر بيلٽ پيپرز تي سرعام ٺپا هڻندي نظر آيو، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر غلام سرور سومرو سرعام بيلٽ پيپرز تي ٺپا هڻي رهيو هو.

موبائل فون تي رڪارڊنگ ڪرڻ بعد جڏهن موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن پهرين غلطي مڃڻ کان انڪار ڪيو پر ثبوت ڏسڻ بعد هن ڏوهه باسيو.

قومي عوامي تحريڪ پاران يوسي ٺل نئون تي عملي مٿان جانبدار هئڻ جا الزام هڻندي بائيڪاٽ ڪيو آهي.

ساڳي يوسي جي حيات سرڪي پولنگ اسٽيشن تي فرنيچر نه هئڻ ڪري عملو پٽ تي ويهي ووٽ پولنگ هلائي رهيو آهي، اسڪول جي ڪمرن ۾ ڀريل بهه جي صفائي نه ٿيڻ ڪري عملي کي ورانڊي ۾ ويهڻو پيو آهي.

پريزائيڊنگ آفيسر مٿان اها مهرباني ڪئي وئي آهي جو کيس ويهڻ لاءِ کٽ ڏني وئي آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*