دوائن جو هيوي ڊوز ڏيڻ سبب کيس هلڻ ڦرڻ ۾ڏکيائي ٿي رهي آهي ۽ ڄنگهن توڙي پيرن ۾ زخم ٿي ويا آهن:داڪٽر عاصم

dr-asim-17-12-15

ڪراچي جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ، ڪرپشن ۽ زمينن تي قبضن سميت 5 الزامن جي جاچ لاءِ ڊاڪٽر عاصم کي وڌيڪ 7 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ڊاڪٽر عاصم عدالت ۾ پيشي دوران صحافين ۽ گهر ڀاتين کي ٻڌايو ته دوائن جو هيوي ڊوز ڏيڻ سبب کيس هلڻ ڦرڻ ۾ڏکيائي ٿي رهي آهي ۽ ڄنگهن توڙي پيرن ۾ زخم ٿي ويا آهن.

نيب  سخت سيڪيورٽي ۾ ڊاڪٽر عاصم کي ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو، جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته ڊاڪٽر عاصم جي فرنٽ مين ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ  ڪرڻي آهي، ان ڪري ڊاڪٽر عاصم جو وڌيڪ 15 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي.

ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري جي پهرين ڏينهن کان نيب کائنس پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي ان ڪري وڌيڪ رمانڊ ڏيڻ جي ضرورت نه آهي.

عدالت اهڙي درخواست تي ڊاڪٽر کي وڌيڪ 7 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ڊاڪٽر عاصم عدالت ۾ پيشي دوران صحافين ۽ گهر ڀاتين کي ٻڌايو ته دوائن جو هيوي ڊوز ڏيڻ سبب کيس هلڻ ڦرڻ ۾ پريشاني ٿي رهي آهي ۽ ڄنگهن توڙي پيرن ۾ زخم ٿي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*