قومي اسيمبلي ۾ دهشتگردي خلاف آپريشن ۽ ڪرپشن ڪيسز تي بحث

national-assembly06-11-15

قومي اسيمبلي ۾ دهشتگردي خلاف آپريشن ۽ ڪرپشن ڪيسز تي بحث ڪيو ويو، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير  زاهد حامد چيو آهي ته چئن سالن دوران 21 سئو 74 ڪرپشن ڪيسز جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، پ پ جي نويد ڪنور جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ دهشتگردن جون پناهگاهون آهن، پر حڪومت ڪارروائي کان لنوائي رهي آهي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير زاهد حامد ڪرپشن ڪيسز بابت ايوان کي آگاهي ڏيندي چيو ته چئن سالن دوران 2174 ڪيسز جي جاچ مڪمل ڪئي وئي.

هن چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ 2 هزار 2سئو 50 ڪرپشن ڪيسز التوا هيٺ آهن، 900ڪيسز جي جاچ مڪمل ڪري 752 نوان ريفرنسز داخل ڪيا آهن.

هن چيو ته حڪومت جي ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ پاليسي واضح آهي، بدعنوانين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.

پ پ جي نويد قمر چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو اڻٽر آهي، حڪومت ٻڌائي ته پنجاب ۾ دهشتگردن جون پناهگاهون ڇو ختم ناهن ڪيون ويون؟.

هن چيو ته رڳو ڌماڪا ڪندڙن کي دهشتگرد قرار نٿو ڏئي جند نٿي ڇڏرائي سگهجي، فرقيواريت جي آڙ  ۾ بيگناهه ماڻهن جو قتلام ڪرائيندڙ به انسانيت جا دشمن آهن.

هن چيو ته حڪومت دعويٰ ڪري رهي آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تحت چئني صوبن  ۾ ڪارروايون جاري آهن، پنجاب ۾ دهشتگردن جون پناهگاهون موجود هئڻ جا ثبوت مليا آهن.

تحريڪ انصاف جي شيرين مزاري چيو ته قومي ايڪشن پلان تي ڪا مثبت اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي، مدرسن جي رجسٽريشن وارو عمل اڃا تائين رولڙي جو شڪار آهي.

پارلياماني سيڪريٽري عمير زيدي لکت ۾ آگاهي ڏيندي چيو ته گئس جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ پاڙيسري ملڪن کان ايل اين جي خريد ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته سي اين جي اسٽيشنز تي گئس جي فراهمي بند ڪري گهريلو صارفين کي گئس جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*