ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي دائري ۾ ايندڙ صحت، تعليم، هورڊنگز ۽ بل بورڊز جا اختيار ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن حوالي

sindh-local-Govt

سنڌ سرڪار لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ  2013۾ ترميم ڪري ڇڏي  آهي، ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي دائري ۾ ايندڙ صحت، تعليم،  هورڊنگز  ۽ بل بورڊز جا اختيار  ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن حوالي ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

 مڪاني ادارن واري کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت صحت  ۽ تعليم بابت معاملن جو اختيار ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن کي حاصل هوندو.

سنڌ سرڪار جي نوٽيفڪيشن تحت  ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن  جي دائري ۾ يندڙ هورڊنگز ۽ بل بورڊز جي معاملن وارا اختيار به ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپو ريشن وٽ هوندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*