آســُو ٻائي جو لمس ۾ سرڪاري خرچ تي کاٻي ڄنگهه جو آپريشن ڪيو ويو

asoo

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ڪنري جي آســُو ٻائي جو لمس ۾ سرڪاري خرچ تي کاٻي ڄنگهه جو آپريشن ڪيو ويو، ڊاڪٽرز آپريشن کي ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته آسو ٻائي کي مهيني تائين اسپتال ۾ ترسڻو پوندو ۽ اميد آهي ته سندس معذوري ختم ٿي ويندي

ڪنري ڀرسان ڳوٺ جي ٻارڙن کي مفت تعليم ڏيندڙ آسو ٻائي جو ڄامشوري جي لمس ۾ علاج جاري آهي، جنهن دوران سندس کاٻي ڄنگهه جو آپريشن ڪيو ويو، اسو ٻائي جي معذوري بابت خبرن جو پ پ چيئرمين بلاول بٽو زرداري نوٽيس وٺندي سندس علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.

 ڪنري ڀرسان هڪ ڇپري ۾ ڳوٺ جي ٻارڙن کي مفت تعليم ڏيندڙ ناري آسو ٻائي جو ڄامشوري جي لمس ۾ سرڪاري سرچ تي علاج جاري آهي.

ماهر ڊاڪٽر اسد الله مخدوم جو چوڻ آهي ته رشين ٽيڪنالاجي تحت آسو ٻائي جي کاٻي ڄنگهه جو آپريشن ڪري ڇڄو لڳايو ويو آهي، جنهن سان آسو ٻائي ڪجهه مهينن کانپوءِ آساني گهمي ڦري سگهندي.

ڊاڪٽر جو وڌيڪ چوڻ هو ته آسو ٻائي جو 2 ڀيرا دل جي تڪليف هئڻ سبب آپريشن ملتوي ڪيو ويو، پر هاڻي سندس ڪامياب آپريشن ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر جو وڌيڪ وڌيڪ چوڻ هو ته آسو ٻائي کي اڃان ڏيڍ ميهني تائين اسپتال ۾ رکيو ويندو، جنهن کانوءِ آساني سان گهمي ڦري سگهندي.

واضح رهي ته آسو ٻائي جي معذوري بابت خبرن جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺندي سندس علاج جو ڪرائڻ جو  اعلان ڪيو هو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*