رينجرز جا اختيار محدود ۽ مشروط ڪرڻ خلاف ڪراچي جي واپارين جي سنڌ اسيمبلي تائين احتجاجي ريلي

tajar

رينجرز جا اختيار محدود ڪرڻ خلاف ڪراچي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سنڌ اسيمبلي آڏو  علامي ڌرڻو هنيو آهي، واپاري اڳواڻن چيو آهي ته رينجرز کي مڪمل اختيار نه ڏنا ويا ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جي آجيان ڪئي ويندي.

رينجرز جا اختيار محدود ڪرڻ خلاف واپارين عتيق مير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پاڪستان چوڪ کان سنڌ اسيمبلي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.

احتجاجي ريلي دوران واپارين  رينجرز جي آفيس آڏو به احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي .

عتيق مير ۽ ٻين اڳواڻن سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو  رينجرز جا اختيار محدود ڪرڻ سان ڪراچي ۾ دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتي خوري ۾ ٻيهر اضافو ٿيندو.

واپاري اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن رينجرز کي مڪمل اختيار نه ڏنا ويا ته هو سنڌ ۾ گورنر   راڄ جي آجيان ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*