رينجرز کان اختيار ناهن کسيا ويا، اسان صرف ايترو چئون ٿا ته جيڪو ڪجهه اي پي سي ۾ طئي ٿيو هو ان تي عمل ڪيو وڃي:خورشيد شاه

khurshid-shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته رينجرز کان اختيار ناهن کسيا ويا، اسان صرف ايترو چئون ٿا ته جيڪو ڪجهه اي پي سي ۾ طئي ٿيو هو ان تي عمل ڪيو وڃي، ٻين صوبن بدران رڳو سنڌ تي آپريشن لاءِ زور ڇو پيو ڏنو وڃي؟.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته سنڌ ۾ 20 سالن کان رينجرز موجود آهي ۽ هاڻي به رينجرز کان اختيار ناهن کسيا ويا.

خورشيد شاهه چيو ته اي پي سي ۾ طئي ٿيو ته رينجرز کي سنڌ ۾ صرف ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي اجازت هوندي پر ان تي عمل نه ڪيو ويو.

خورشيد شاهه چيو ته سنڌ جو وڏو وزير ڪراچي آپريشن جو ڪپتان آهي ته پر ڪنهن به سياستدان کي پڪڙڻ کان اڳ ڪپتان  کي اعتماد ۾ به نٿو ورتو وڃي.

سيد خورشيد شاهه چيو ته اي پي سي ۾ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري دهشتگردي خلاف ايڪشن جي ڀرپور حمايت ڪئي هئي، پر باقي ٽن صوبن بدران رڳو سنڌ تي آپريشن لاءِ زور ڏنو پيو وڃي.

سيد خورشيد شاهه چيو  ته رينجرز کان اختيار ناهن کسيا ويا، اسان صرف ايترو چئون ٿا ته جيڪو ڪجهه اي پي سي ۾ طئي ٿيو هو ان تي عمل ڪيو وڃي.

سيد خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته سانگهڙ ۾ پ پ ايم پي اي تي حملو مزمت جوڳو عمل آهي، جنهن ۾ پ پ ڪارڪنن کي بي دردي شان شهيد ڪيو ويو……………

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*