ڪنگ فو ماسٽر بروس لي هڪ ڀيرو ٻيهر نئين فلم “ اِپ مين ٿري” سان وڏي پردي تي ايڪشن ۾ نظر ايندو

broslee

ڪنگ فو ماسٽر بروس لي هڪ ڀيرو ٻيهر نئين فلم “ اِپ مين ٿري” سان وڏي پردي تي ايڪشن ۾  نظر ايندو، ساڻس گڏ اڳوڻو هيوي ويٽ باڪسر مائيڪ ٽائيسن ۽ هانگ ڪانگ جو اداڪار ڊوني ين به جلوه گر ٿيندا.

هانگ ڪانگ ۾ فلم جي مشهوري مهم دوران“ اِپ مين ٿري” جي ڪاسٽ شرڪت ڪئي، اداڪار ڊوني ين فلم ۾ مرڪزي ڪردار نڀائي رهيو آهي، سندس چوڻ هو ته فلم ۾ اوڀر ۽ اولهه جو ميلاپ آهي، مائيڪ ٽائيسن سان گڏ ڪم ڪرڻ سندس لاءِ فخر ۽ خوشي جو سبب آهي.

ڊوني ين جو چوڻ هو ته هو مائيڪ ٽائيسن جي باڪسنگ جو وڏو مداح آهي ۽ مون سندس هر فائيٽ ڏٺي آهي، فلم ۾ به ساڻس ويڙهه جا منظر فلمبند ڪندي گهڻو مزو آيو.

ڪمپيوٽر ذريعي ٺاهيل ڊجيٽل تصويرن جي مدد سان “ اِپ مين ٿري” ۾ بروس لي جو ڪردار ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو پڻ اپ جو شاگرد ۽ ڪنگ فو  جو ماسٽر هو.

“ اِپ مين ٿري” هانگ ڪانگ ۾ 24 ڊسمبر تي رليز ڪئي ويندي ۽ جنوري 2016 ۾ امريڪا ۾ نمائش لاءِ پيش ٿيندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*