گهڻو پراميد آهيان ته قومي ٽيم ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪندي وقار يونس

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته هو گهڻوپراميد آهي ته قومي ٽيم ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪندي.

دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس چيو ته آسٽريليا جي ٽيم خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ شاندار فتح بعد نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ٽيست، ٽي-ٽوئنٽي سيريز برابر ٿيڻ بعد هو پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڪاميابي بعد ٽيم سيريز ۾ به فتح ماڻيندي.

وقار يونس جو وڌيڪ چوڻ هو ته موجوده ٽيم ۾ شامل سمورا رانديگرن ڀرپور صلاحيتن جا مالڪ آهن،جيڪي دنيا جي ڪنهن به مضبوط ٽيم کي شڪست ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿا.

قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ دنيا جي ڪرڪيٽ جو وڏو ايونٽ آهي، جنهن ۾ فتح حاصل ڪرڻ هر ٽيم جو خواب هوندو آهي.

هن چيو ته هو گهڻو پراميد آهي ته ٽيم ميگا ايونٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري ٽائيٽل حاصل ڪندي.

وقاريونس جو چوڻ هو ته محمد عرفان ، وهاب رياض ۽ عمر گل ڀرپور فارم ۾ آهن ،جيڪي ڪنهن به سٺي بيٽسمين کي دٻاءِ هيٺ آڻڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*