جاپان جي شهر يوڪوهاما ۾ کيڏي ويل ڪلب فٽبال ورلڊڪپ جي فائنل ميچ هڪ طرفي ثابت ٿي

footbal

ڪلب فٽبال ورلڊڪپ جي فائنل ۾ بارسلونا جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد رورِ پليٽ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.

جاپان جي شهر يوڪوهاما ۾ کيڏي ويل ڪلب فٽبال ورلڊڪپ جي فائنل ميچ هڪ طرفي ثابت ٿي.

ميچ ۾ بارسلونا جي ٽيم جي سمورن رانديگرن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي، جن مخالف ٽيم کي کلي کيڏڻ جو موقعو فراهم نه ڪيو.

بارسلونا جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد رورِ پليٽ جي ٽيم کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

ٽيم جي ڪاميابي ۾ اسٽار ليونل ميسي ۽ لوئيس ساريز هڪ-هڪ گول اسڪور ڪري اهم ڪردار ادا ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*