ڊاڪٽر عاصم کي دهشتگردن جي مدد ۽ علاج ڪرڻ واري ڪيس مان آجو قرار ڏيڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو

dr-asaim-pash-21-12-15.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي منتظم جج ڊاڪٽر عاصم کي دهشتگردن جي مدد ۽ علاج ڪرڻ واري ڪيس مان آجو قرار ڏيڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، پوليس جي جاچ آفيسر عدالت ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم خلاف دهشتگردن جي مدد يا علاج ڪرڻ جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن، رينجرز جي وڪيل حبيب احمد دليل ڏيندي چيو ته سرڪار پاران جاچ آفيسر تبديل ڪرڻ سان ڪيس يـُو ٽرن ورتو، بالر ۽ بيٽسمين هڪ ئي ڌر جا آهن.

ڪراچي ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالتن جي منتظم جج وٽ ڊاڪٽر عاصم خلاف دهشتگردن جي مدد ۽ علاج ڪرائڻ بابت  ختم ڪيل ڪيسن جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم خلاف ڪي به ثبوت نه مليا آهن ۽ اڳوڻي جاچ آفيسر حقيقتن کي نظر انداز ڪيو آهي.

نيب عملدارن سخت سڪيورٽي ۾ ڊاڪٽر عاصم کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي منتظم جج آڏو پيش ڪيو، جنهن دوران پوليس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي الطاف حسين رپورٽ پيش ڪئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم خلاف دهشتگردن جي مدد ۽ انهن جوعلاج ڪرڻ بابت ڪي به ثبوت نه مليا آهن ۽ اڳوڻي جاچ آفيسر حقيقتن تي نظر انداز ڪيو آهي.

ٻڌڻي دوران رينجرز جي وڪيل حبيب احمد  دليل ڏيندي چيو ته جاچ آفيسر تبديل ڪرڻ واري ڏينهن ڪيس ۾ يو ٽرن آيو، بالر ۽ بيٽسمين ساڳي ڌر سان واسطو رکن ٿا ۽ هن عدالت کي استدعا ڪئي ته ڪيس بابت سموريون شاهديون گڏ ڪيون وڃن.

نئين پبلڪ پراسيڪوٽر نثار دراني پوليس جي  رپورٽ کي درست قرار ڏيندي چيو ڪيس ختم نه پر ان  اي ڪلاس ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر عاصم عدالت کي ٻڌايو ته هو اڳ ۾ به چئي چڪو آهي ته سندس خلاف سازش ٿي آهي.

هن چيو ته جعلي بلز ذريعي کيس ڦاسايو پيو وڃي.

ڊاڪٽر عاصم جي ڌي پاران عامر رضا وڪالت جو حلف نامو عدالت ۾ جمع ڪرايو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*