اسٽينڊنگ ڪميٽي چيو ته عشر ۽ زڪوات جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علوي جي مقرري غير قانوني

        Sindh-Assembly-6-8

سنڌ اسيمبلي جي عشر زڪوات، اوقاف ۽ سماجي ڀلائي واري کاتي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي عشر ۽ زڪوات جي چيئرمين زاهد قربان علوي ۽ مختلف کاتن ۾  غير قانوني طور مقرر ٿيل آفيسرن هٽائڻ جي سفارش ڪئي آهي، ڪميٽي جي چيئرپرسن نصرت سحر عباسي چيو آهي ته سندن هدايتن تي عمل نه ٿيو ته نيب ۽ عدالتن کي لکيو ويندو.

           سنڌ اسيمبلي جي عشر زڪوات، اوقاف ۽ سماجي ڀلائي واري کاتي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرپرسن نصرت سحر عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو.

  اسٽينڊنگ ڪميٽي چيو ته عشر ۽ زڪوات جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علوي جي مقرري غير قانوني آهي.

   ڪميٽي عشر ۽ زڪوات جي سيڪريٽري  کي هدايت ڪئي ته عشر ۽ زڪوات جي چيئرمين زاهد قربان علوي کي هٽائڻ ۽ سندس فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ وڏي وزير کي خط لکيو وڃي.

ڪميٽي جي چيئرپرسن ۽ ٻين ميمبرن هڪ آفيسر قربان علي ٽانوري جي اجلاس ۾ شرڪت تي سخت اعتراض ڪندي چيو ته غير قانوني طور مقرر ٿيل آفيسر کي اجلاس ۾ شرڪت جو حق نه آهي، جنهن تي عشر ۽ زڪوات جي سيڪريٽري آفيسر کي اجلاس ۾ ويهڻ جي اجازت ڏياري.

  اجلاس دوران انڪشاف ڪيو ويو ته اوقاف  کاتي ۾ هڪ عربي ٽيچر  شرف الدين عرف شرفو ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيل آهي، جيڪو درگاهن تي فقيرن کان به ڀتو وصول ڪري ٿو.

 اجلاس بعد  ڪميٽي جي چيئرپرسن نصرت سحر عباسي چيو  ته سندن هدايتن تي عمل نه ٿيو ته نيب ۽ عدالتن کي لکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*