جشن عيدميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قوم کي پيغام ڏيندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته کيس فخر آهي ته هُــــــــــو حضرت محمد مصطفيٰ صه جو امتي آهي

nawaz-meeting27-10-15

انسانيت جي عظيم محسن حضرت محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ جي يوم ولادت جي خوشيءَ ۾ جشن ملهايو پيو وڃي، وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته الله تعاليٰ نبي ڪريم ﷺ کي ٻنهي جهانن لاءِ رحمت بڻايو.

جشن عيدميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قوم کي پيغام ڏيندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته کيس فخر آهي ته هُــــــــــو حضرت محمد مصطفيٰ صه جو امتي آهي.

هن چيو ته پاڻ سڳورا پنهنجي امت کي پيغام ڏيڻ کان اڳ پاڻ عمل ڪندو هــو.

وزير اعظم چيو ته هـــــــُو قوم کي جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪندي اپيل ڪري ٿو ته اتحاد قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ انسانيت جو احترام ڪري.

نواز شريف چيو ته حضور ڪريم ﷺ جي سنت مان مسلمانن کي سبق پرائڻ گهرجي، جڏهن ته دعا آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي امن جو مرڪز بڻائي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*