ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جو جشن ولادت انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

Eidmilad-nabi24-12-15

ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جو جشن ولادت انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، سنڌ سميت سموري ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍي جلسا منعقد ڪيا پيا وڃن.

 عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآلهه وسلم جي شروعات  اسلام آباد ۾ 31 ۽  چئني صوبن جي راڄڌانين ۾ 21 – 21 توپن جي سلامي سان  ڪئي وئي.

جيڪب آباد ۾ مختلف مذهبي تنظيمن پاران درگاهه بخاري کان  ڊي سي چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته ڪنڌڪوٽ ۾ نور مصطفيٰ مسجدن کان ريلي ڪڍي وئي آهي، جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي ساڳي هنڌ پهچندي جتي جلسو ٿيندو.

بدين ۾ جامع مسجد حنفيه کان مختلف مذهبي تنظيمن پاران ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي شاهنواز چوڪ تي پهتي آهي، جتي عالم سڳورا خطاب ڪري رهيا آهن.

مٺي ۾ جشن عيد ميلاد النبي جي ريلي نوراني مسجد کان ڪڍي وئي آهي، جنهن ۾ شامل  ماڻهو  درود سلام  پڙهڻ سان گڏ نعت خواني ڪري رهيا آهن.

ٽنڊو محمد خان ۾ جشن ولادت جي موقعي تي جماعت اهل سنت ۽ يارسول الله ڪميٽي طرفان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف چوڪن تان  ٿيندي  سيرت النبي چوڪ تي پهتي،  جتي جلسو منعقد ڪيو ويو.

لاڙڪاڻي ويجهو درگارهه مشوري شريف تي سالياني سيرت ڪانفرنس جاري آهي، جنهن ۾ ناليوارن نعت خوانن فرحان قادري، سجاد قاسمي، ٻالڪ سنڌي ۽ ٻين عقيدت جا گل نڇاور ڪيا آهن، جڏهن ته ناليوارا عالم ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا آهن.

ٿاڻي بولا خان ۾ نوراني جماعت، دعوت اسلامي ۽ ٻين تنظمن پاران ميمڻ مسجد کان ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته پنگريو ۾ محمدي مسجد کان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.

ڊگهڙي ۾ دعوت اسلامي، سني تحريڪ، جماعت اهل سنت ،جيلاني فورس ۽ ٻين تنظيمن پاران جشن عيد ميلاد النبي جي ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته سنڌڙي تعلقي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ به مختلف تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون.

تنگواڻي ۾ جشن عيد ميلاد نبي ﷺ جي موقعي تي مک  ريلي مسجد گلزار مدينه کان ريلي ڪڍي وئي، جنهن دوران پوليس ۽ رينجرس اهلڪارن کي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيو ويو هو.

 ڪنري، ڄام صاحب، اسلام ڪوٽ،  سيٺارجا، ڄام نواز علي، خانواهڻ، ، محرابپور، سجاول جوڻيجو، گمبٽ، کهڙا،  ڏوڪري، باڊهه، نصرپور، ڪرمپور، ميرپور ماٿيلو، ٽنڊو غلام علي، خانپور مهر، ماتلي ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون آهن.

عيد ميلاد النبي جي مناسبت سان مسجدن، گهرن ۽ بازارن کي سينگاريو ويو آهي.

حڪومت پاران عيد ميلاد النبي جي موقعي تي اڄ سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*