قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي گڙتل واري علائقي ۾ پنجون نواب شبير احمد چانڊيو لانگ رينج رائيفل شوٽنگ مقابلو منعقد

wal-shoting

قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي گڙتل واري علائقي ۾ پنجون نواب شبير احمد چانڊيو لانگ رينج رائيفل شوٽنگ مقابلو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سموري ملڪ مان 43 نشاني بازن حصو ورتو.

لانگ رينج رائيفل شوٽنگ مقابلي ۾ پهرين پوزيشن راولپنڊي جي ميجر جنيد، ٻئي پوزيشن ميان مٺو جي پٽ ميان رفيق ۽ ٽئين پوزيشن غلام علي شاهه حاصل ڪئي.

شوٽنگ مقابلن  ۾ ميان مٺو، جمال لغاري، شاه رخ قريشي، برهان چانڊيو، محمد خان چانڊيو ۽ ٻين نشاني بازن حصو ورتو.

شوٽنگ مقابلن ۾ صوبائي گهرو وزير  سهيل انور سيال، پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي، پ پ ايم پي اي خورشيد جوڻيجو، سردار خان چانديو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته لانگ رينج رائيفل شوٽنگ مقابلن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ نشاني بازن کي رائفلز ۽ شيلڊز ڏنيون ويون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*