ڪرڪيٽرن جو محمد عامر سان کيڏڻ کان انڪار

Aaamir-Pakistan-Bowler

 قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سينيئر رانديگرن محمد عامر سان گڏ پريڪٽس سيشن ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، محمد حفيظ ۽ اظهر علي چيو آهي ته محمد عامر جي ڪري ملڪ جي بدنامي ٿي، کيس ڪنهن به ريت قبول نه ڪيو ويندو.

لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ پريڪٽس سيشن جاري هئي ته اسپاٽ فڪسنگ ۾ سزا کاڌل محمد عامر به پي سي بي جي اجازت کانپوءِ گرائونڊ تي پهتو.

محمد عامر جي گرائونڊ ۾ اچڻ تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان اظهر علي ۽ محمد حفيظ پريڪٽس سيشن ۾ اچڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته مصباح الحق به محمد عامر جي اچڻ تي اعتراض واريو.

قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد حفيظ ۽ اظهر علي چيو ته محمد عامر کي ڪنهن ب ريت ڪيمپ ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ان حوالي سان پي سي بي چيئرمين سان ڳالهائڻ لاءِ به تيار آهيون.

قومي ٽيم جي رانديگرن چيو ته محمد عامر  نه صرف قومي ٽيم جي ساک کي نقصان پهچايو پر ان جي قدم سان ملڪ جي بدنامي به ٿي، ان سان گڏ ڪنهن به ريت نه کيڏنداسين.

سينيئر رانديگرن جي اعتراضن بعد محمد عامر جي قومي ٽيم ۾ واپسي تي سواليه نشان لڳي ويو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*