ڪرپشن ملڪ جي پاڙن ۾ پکڙجي چڪي آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ حڪومت جدوجهد ڪري رهي آهي:صدر ممنون حسين

mamnoon

صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪرپشن ملڪ جي پاڙن ۾ پکڙجي چڪي  آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ حڪومت جدوجهد ڪري رهي آهي.

ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ممنون حسين چيو ته ڪرپشن ملڪ کي اڏوهي جيان کاهي وئي آهي، بدعنوانين جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبو ملڪي معيشت لاءِ ڪرنگهيءَ جي حيثيت رکي ٿو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي دوستي جو مثال ڪٿي به نٿو ملي.

صدر چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي سان ملڪي تقدير تبديل ٿي ويندي، جڏهن ته معيشت ۾ تاريخي بهتر ايندي.

ممنون حسين وڌيڪ چيو ته ڪرپشن ۽ بدعنوانين جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، حڪومت پنهنجي جدوجهد جاري رکندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*