پـَنو عاقل جي گول مسجد پاڙي مان پرائمري استاد جو لاش هٿ

pano aqil

پـَنو عاقل جي گول مسجد پاڙي مان پرائمري استاد جو لاش هٿ آيو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته مقتول کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي.

پنو عاقل جي گول مسجد پاڙي جي بند پيل عمارت مان هڪ ڄڻو جو لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ پرائمري استاد امير بخش انڍڙ طور ڪئي وئي آهي.

پوليس واقعي جي اطلاع تي پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پني عاقل جي اسپتال منتقل ڪيو.

 وارثن جو چوڻ آهي ته امير بخش انڍڙي کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي ۽ سندس موٽرسائيڪل به ڦر ڪئي وئي آهي.

پوليس ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*