الطاف حسين اسلام آباد جي برسات جيان آهي ڪڏهن وسندو ته ڪڏهن معاف ڪندو آهي منظور وساڻ

صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته الطاف حسين اسلام آباد  جي برسات جيان آهي، ڪڏهن ته رابطا ڪميٽي تي وسندو آهي ته ڪڏهن ان کي معاف ڪندو آهي.

ڪراچي ۾ آءِ جي جيل جي آفيس جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته عمران خان کي زبردستي ڪراچي شهر بند نه ڪرائڻ ڏينداسين، جيڪڏهن شهرين عمران جي ڪال تي شهر بند ڪيو ته دخل انداري نه ڪبي.

منظور وساڻ چيو ته الطاف حسين اسلام آباد جي برسات جيان آهي،ڪڏهن ته رابطا ڪميٽي تي وسندو آهي ته ڪڏهن ان کي معاف ڪري ڇڏيندو آهي.

صوبائي وزير چيو ته الطاف کيس زمينن تي قبضن بابت جاچ جو چوي تي هيه نموني جاچ ڪري ان کي رپورٽ پيش ڪندس.

منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته بهريان رڳو حيدرآباد ۾ آءِ جي جيل آفيس هئي پر هاڻ ڪراچي ۾ آفيس قائم ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*