چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا قوي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق کي لکيل خط ۾ غلطين تي ڪاوڙ جو اظهار

elecation-commiction22-8

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا قوي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق کي لکيل خط ۾ غلطين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پارليامينٽرينز ڏانهن لکيل خط ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي ها، خط ۾ غلطين سبب سمورو ادارو شرمندگي کي منهن ڏئي رهيو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا اليڪشن ڪميشن جي اختيارين پاران قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق کي لکيل خط ۾ غلطين جو نوٽيس ورتو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر خط ۾ غلطين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پارليامينٽرينز کي خط لکڻ ۾ احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي ها.

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا چيو ته ڪجهه عملدارن پاران خط ۾ ڪيل غلطين سبب سمورو ادارو شرمندگي کي منهن ڏئي رهيو آهي.

اليڪشن ڪميشن پاران ڪجهه عرصو اڳ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق کي خط لکيو ويو هو، جنهن ۾ غلطيءَ سان ٻڌڻي جي تاريخ 18 ڊسمبر 2015ع بدران 18 ڊسمبر 2013ع لکي وئي.

سردار اياز صادق خط ۾ غلطين تي سخت تنقيد ڪندي چيو هو ته اليڪشن ڪميشن ۾ نااهل ماڻهو ويٺل آهن، جن کي خط لکڻ به نٿو اچي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*