وڏي وزير پاران تعزيت ڪرڻ کانپوءِ انتظاميا طرفان ڪنهن به مون سان اڃا تائين رابطو نه ڪيو:بسما جي پيءُ فيصل بلوچ

Bisma's

بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير جي سول اسپتال ڪراچي آمد دوران فوت ٿيل ٻارڙي بسما جي پيءَ فيصل   چيو آهي ته ڌي جي فوت ٿيڻ بابت هن ضلعي انتظاميه آڏو ڪوبه بيان رڪارڊ ناهي ڪرايو ۽ وڏي وزير پاران تعزيت ڪرڻ کانپوءِ  انتظاميه به ڪو رابطو نه ڪيو آهي.

لياري واسي فيصل  ضلعي انتظاميه وٽ بيان رڪارڊ ڪرائڻ وارن افواهن کي رد ڪندي چيو ته هن ڌي جي فوت ٿيڻ بابت ڪوبه بيان رڪارڊ نه ڪرايو آهي.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي فيصل چيو ته وڏي وزير جي تعزيت بعد ضلعي انتظاميه جي ڪنهن به عملدار ساڻس رابطو نه ڪيو  آهي.

وڏي وزير ٻارڙي جي  والد کي نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر انتظاميا پاران  ٻارڙي جي وارثن لاءِ اڃا تائين  معاوضي جو اعلان نه ڪيو ويو آهي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*