ملڪ جي خاطر عام چونڊن کي تسليم ڪيو پر ڌانڌلين کي قبول نه ڪيو ويندو عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته  ملڪ جي خاطر عام چونڊن کي تسليم ڪيو آهي پر ڌانڌلين کي قبول نه ڪيو ويندو، وزيراعظم جي استعيفيٰ واري مطالبي کان پوئتي هٽي ويا آهيون پر هن وقت تائين ڳالهين لاءِ رابطو ناهي ڪيو ويو، جيستائين ڌانڌلي ڪندڙن جي ذميوارن کي سزا نه ملندي، انصاف ملڻ ڏکيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي پر اڃا تائين حقيقي جمهوريت ناهي آئي، جمهوريت کان بهتر ڪو به نظام ناهي.

هن چيو ته قائد اعظم پاڪستان ۾ جمهوريت جو بنياد وڌو پر ميرٽ جي لتاڙ سبب ملڪ ترقي نه ڪري رهيو آهي، ٽيلينٽ کي اڳتي آندو وڃي ته ملڪ ترقي جي رستي تي هوندو.

عمران خان چيو ته انصاف جو نظام بهتر ٿيڻ تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، ججز جي چونڊ به ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي ۽ انصاف جي فراهمي سڀني لاءِ برابري جي بنياد تي هئڻ گهرجي.

پي ٽي آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته کيس وزيراعظم ٿيڻ جو ڪو به شوق ناهي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته هـُو هن وقت واشنگٽن ۾ ويٺو هجي ها.

عمران خان چيو ته ملڪ جي خاطر اليڪشن کي قبول ڪيو آهي پر ڌانڌلين کي قبول نه ڪيو ويندو، نواز شريف کي صرف 4 تڪ کولڻ جو چيو آهي ته جيئن عوام جو مينڊيٽ چوري ڪندڙ وائکا ٿي سگهن.

هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف ڌانڌلين جي جاچ جو مطالبو ڪري رهي آهي، ٻيون پارٽيون به چئي رهيون آهن ته ڌانڌلي ٿي آهي پر ان باوجود حڪومت 4 تڪ کولڻ لاءِ تيار ناهي.

عمران خان چيو ته جيستائين ڌانڌلي ڪندڙن کي سزا نه ملندي تيستائين انصاف جي فراهمي ممڪن ناهي،  پي ٽي آءِ وزيراعظم جي استعيفيٰ واري مطالبي کان پوئتي هٽي وئي آهي پر هن وقت تائين حڪومت ڳالهين لاءِ رابطو ناهي ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*