قومپرست ڪارڪنن کي اغوا بعد قتل ۽ خالد محمود سومرو جي شهادت خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

سنڌ ۾ نوجوانن جي اغوا بعد قتل ۽ لاش اڇلائڻ وارن واقعن توڙي ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شهادت خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرا ڪري بک هڙتالون ڪيون ويون.

ڪراچي پريس ڪلب آڏو ايس ٽي پي جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي.

لاڙڪاڻي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن نصرت چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي.

جيڪب آباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن هارون سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو.

ڪنڌڪوٽ ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو ٽئين ڏينهن به بک هڙتال جاري رکي.

سکر سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران وحيد کوسو، زاهد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

گهوٽڪي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن زاهد ميراڻي، سيد جمال شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ڊي ايم آفيس آڏو بک هڙتال ڪئي.

بدين سنڌ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ايوان  صحافت آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي.

مٺي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن گهنشام مالهي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته سنڌ جي مختلف شهرن مان قومپرست ڪارڪنن کي کنڀي انهن جا تشدد ٿيل لاش اڇلايا پيا وڃن، جنهن سبب سنڌ ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته اهڙن واقعن ۾ ملوث ڌرين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*