عمران خان وزيراعظم ٿيڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيو آهي خورشيد شاهه

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، ايم ڪيو ايم کي صلاح ڏني آهي ته تحريڪ انصاف جي احتجاج ۾ رڪاوٽ نه وڌي وڃي، عمران خان وزيراعظم ٿيڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيو آهي، ميڊيا کيس هڪ هفتو ڪوريج نه ڏئي ته پاڻ ئي رستي تي اچي ويندو.

اسلام آباد مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ڳالهين لاءِ سنجيدگي اختيار ڪن، عمران خان ڪنٽينر تان واپس اچي ته ماحول بهتر ٿي ويندو.

هن چيو ته عمران خان جو عوام سان ڪو به واسطو ناهي، ان جو احتجاج وزيراعظم ٿيڻ لاءِ آهي، جيڪڏهن کيس ميڊيا تي هڪ هفتو ڪوريج نه ملي ته پاڻ ئي صحيح ٿي ويندو.

خورشيد شاهه چيو ته الطاف حسين پاڪستان اچي، الله تعاليٰ سندس حفاظت ڪندو، ايم ڪيو ايم وارن کي گذارش آهي ته الطاف حسين کي سينيٽر بڻائي ايوان ۾ آڻين.

خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عمران خان جي احتجاج ۾ رڪاوٽ نه وجهندي، متحده کي به رڪاوٽ نه وجهڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*