ڪراچي ۾ استادن پ ٽ الف جَي سڏ تي سيڪريٽري تعليم جي زيادتين خلاف ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج

PTL

ڪراچي ۾ استادن پ ٽ الف جَي سڏ تي سيڪريٽري تعليم جي زيادتين خلاف ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، سماجي اڳواڻ حليم عادل شيخ بک هڙتالي ڪيمپ تي پهچي استادن سان ايڪتا جو  اظهار ڪيو.

قمبر-شهدادڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعن جي استادن سڪندر جتوئي ۽ انتظار ڇلگري جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

سماجي اڳواڻ حليم عادل شيخ به استادن جي بک هڙتالي ڪيمپ تي پهچي ساڻن ايڪي جو اظهار ڪيو.

استادن اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ميرٽ جي بنياد تي اين ٽي ايس پاس استادن کي ريگيولر نه پيو ڪيو وڃي، جڏهن ته فوتي ڪوٽا تي به عمل نه پيو ڪيو وڃي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو کي هٽائي استادن جا مسئلا حل ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*