ڪجهه ماڻهن جي ياداشت ڪمزور آهي سمورين ڌرين جي مشاورت سان ڪراچي آپريشن شروع :وزير اعظم نواز شريف

nawaz-karachi

وزير اعظم  نواز شريف  صنعتي صارفين لاءِ  پهرين جنوري 2016 کان   في يونٽ تي 3 رپيا لاٿ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن جي ياداشت ڪمزور آهي سمورين ڌرين جي مشاورت سان ڪراچي آپريشن شروع ڪيو ، جنهن جا بهتر نتيجا نڪتا آهن ۽ ان کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

ڪراچي ۾ ايف پي سي سي آءِ جي ايوارڊز تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته ڪراچي آپريشن سبب واپاري سرگرمين  ۾ڏينهون ڏينهن بهتري اچي رهي آهي.

وزير اعظم ڪراچي آپريشن تي ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ڪجهه ماڻهن جي ياداشت ڪمزور آهي، ڪراچي آپريشن سمورين پارٽين جي مشاورت شروع ڪيو ويو.

هن چيو ته ڪراچي آپريشن ڏکيو هو پر اڄ ان جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن ۽ ان کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

وزير اعظم دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جو عزم ورجائيندي چيو ته 3 بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.

ميان نواز شريف چيو ته پهريون بجلي جو چئلنج آهي، جنهن کي بهتر نموني منهن ڏئي رهيا آهيون.

وزير اعظم چيو ته ٿر جو ڪوئلو رڳو ٿر ۾ نه پر سموري ملڪ جي پاور پلانٽس ۾ استعمال ڪيو ويندو ۽ 2017 کان 2018 تائين 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ اڻينداسين.

وزير اعظم  نواز شريف  صنعتي صارفين لاءِ  پهرين جنوري 2016 کان   في يونٽ تي 3 رپيا لاٿ جو اعلان ڪندي چيو  ته 2016 کان 2025 تائين وڌيڪ 15 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ آڻڻ  جو هدف آهي.

وزير اعظم چيو ته ڪراچي لاهور موٽر وي تي ڪم شروع ٿي ويو آهي ۽ ڪراچي ۾ امن کانپوءِ سيڙپڪارن ڪراچي جو رخ ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*