ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر نوان صوبا ٺاهڻ جو راڳ ڳائڻ شروع

s-iqbal

ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر نوان صوبا ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي، متحده ايم اين اي ايس اقبال قادري چيو آهي ته ملڪي مسئلا قومي اسيمبلي جون سيٽيون وڌائڻ سان نه پر نوان صوبا اڏڻ سان حل ٿي سگهن ٿا.

قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف معامن تي بحث ڪيو ويو.

پرڏيهه ۾ اثاثا ٺاهيندڙ سياستدانن جي چونڊ وڙهڻ تي پابندي وارو بل پيش ڪيو ويو، جنهن تي رضا حيات جي غير حاضري سبب بحث ملتوي ڪيو ويو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن به  بل جي مخالفت ڪئي.

قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر ايس اقبال قادري نواب صوبا ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو.

ايس اقبال قادري چيو ته ملڪي مسئلا  قومي اسيمبلي جون سيٽون وڌائڻ نه پر نوان صوبا ٺاهڻ سان حل ٿي سگهن ٿا…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*