مڪلي ۾ چار ڏينهن اڳ ڦر مزاحمت دوران هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان جي وارثن قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

thatta-protest

مڪلي ۾ چار ڏينهن اڳ ڦر مزاحمت دوران هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان جي وارثن قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڦر مزاحمت ۾مارجي ويل نوجوان پرويز خاصخيلي جي وارثن ۽ هڪ نجي ڪمپني جي ملازمن ٺٽو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته جوابدار موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ لاءِ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو، پر چار ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو.

هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*