ٺٽي ۽ سجاول جا 13 صحت مرڪز خانڳائڻ خلاف سول اسپتال جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران ٽوڪن هڙتال

thata-hospital

ٺٽي ۽ سجاول جا 13 صحت مرڪز خانڳائڻ خلاف سول اسپتال جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران ٽوڪن هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سول اسپتال ٺٽي جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران ٽوڪن هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن سبب مريضن کي سخت پريشانين جو منهن ڏسڻو پيو.

مظاهرين چيو ته ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ 13 صحت مرڪز اين جي اوز حوالي ڪيا  پيا وڃن، جنهن سبب ملازمن جي بيروزگار ٿيڻ جو خدشو آهي.

هنن چيو ته اسپتالن ۾ درست علاج ٿيڻ باوجود خانڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن سان ملازمن ۾ بيچيني پکڙيل آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ٺٽي ۽ سجاول جي اسپتالن کي خانڳائڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*