ٽنڊو آدم جي تعلقي اسپتال ۾ هيپاٽائيٽس جا ويڪسين نه ملڻ خلاف جسقم ڪارڪنن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو

tando-adam-protest

ٽنڊو آدم جي تعلقي اسپتال ۾ هيپاٽائيٽس جا ويڪسين نه ملڻ خلاف جسقم ڪارڪنن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شهرين الهداد مري، بلاول ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته ٽنڊي آدم ۾ هيپاٽائيٽس جا سوين مريض رجسٽرڊ ٿيل آهن، پر ان باوجود ويڪسين نه پيا ڏنا وڃن.

هنن چيو ته اسپتال ۾ ويڪسين نه ملڻ ڪري مريض ڏوراهن شهرن ڏانهن وڃي علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن، جنهن سبب هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته تعلقي اسپتال ۾ هيپاٽائيٽس جا ويڪسين فوري طور فراهم ڪري مريضن جو بهتر نموني علاج ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*