جوهي ۾ هڪ پورهيت بااثر پاران پلاٽ تي قبضو ڪرڻ خلاف پنهنجي ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪندي انصاف جي اپيل ڪئي

johi-protast

جوهي ۾ هڪ پورهيت بااثر پاران پلاٽ تي قبضو ڪرڻ خلاف پنهنجي ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪندي انصاف جي اپيل ڪئي آهي.

بخاري پاڙي جي رهواسي پورهيت عبدالڪريم سومرو زميندار جي مبينه ناانصافين خلاف معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته علائقي جي بااثر زميندار سندس پلاٽ تي قبضو ڪري وڪرو ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته بار بار احتجاج ڪرڻ باوجود ڪير به سندن سانهن ٻڌڻ وارو ناهي.

پورهيت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري سندن پلاٽ واپس ڏياريو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*