رينجرز اختيارن وارو معاملو وزير اعظم کان حل نه ٿيو ته پيپلزپارٽي وٽ ٻيا به آپشن موجود آهن: نثار کهڙو

Nisar-khoro-10-11

تعليم واري وزير نثار کهڙي چيو آهي ته رينجرز اختيارن وارو معاملو وزير اعظم کان حل نه ٿيو ته پيپلزپارٽي وٽ ٻيا به آپشن موجود آهن، سنڌ اسيمبلي جو ٺهراءَ رد ڪرڻ وارو معاملو عدالت ۾ چئلينج ڪري سگهون ٿا.

لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  سينئر وزير نثار کهڙي جو چوڻ هو ته چوڌري نثار وفاق ۽ سنڌ حڪومت کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جون سازشون ڪري رهيو آهي.

نثار کهڙي چيو ته رينجرز کي ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو هو، جيڪڏهن بد عنوانين جا معاملا آهن ته انهن جي جاچ لاءِ نيب ۽ آيف آءِ اي موجود آهي.

هن چيو ته وفاق صوبي جي خود مختياري کي باءِ پاس ڪري سنڌ اسيمبلي جو ٺهراءُ رد ڪيو آهي، جنهن کي عدالت ۾ چئلينج ڪري سگهون ٿا.

هن چيو ته رينجرز اختيارن وارو معاملو وزير اعظم نواز شريف کان حل نه ٿيو ته پيپلزپارٽي وٽ ٻيا به آپشن موجود آهن.

نثاري کهڙي چيو ته نيشنل ايڪشن پلان کي نواز ليگ پلان نه ٿيڻ کپي ۽ هن وقت تائين ان تي خاص عمل نه ٿي سگهيو آهي.

نثار کهڙي وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ سرڪار ۾ فاروڊ بلاڪ نه پيو ٺهي اهو صرف لياقت جتوئي کي خوابن ۾ ايندو هو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*