نوابشاهه مان 3 مهينا اڳ اغوا ڪيل نوجوان جي وارثن سندس بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

nawabshah-protest

نوابشاهه مان 3 مهينا اڳ اغوا  ڪيل نوجوان جي وارثن سندس بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

پٻجو ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪيل نوجوان شبير بروهي جي بازيابي لاءِ وارثن شهناز بيبي، عائشه بيبي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ عورتن جو چوڻ هو ته نوجوان جي اغوا کي 3 مهينا گذري ويا آهن، پر پوليس هيل تائين کيس بازياب ناهي ڪرائي سگهي.

هنن چيوته ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرڻ باوجود پوليس توڙي اعليٰ اختياريون سندن دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن.

هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي جلد بازياب ڪرائي سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*