ڪراچي جي احتساب عدالت ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار ايف بي آر جي انسپيڪٽر ممتاز نظاماڻي کي جوڊيشل ريمانڊ تي 11 جنوري تائين جيل موڪلي ڇڏيو

NAB '

ڪراچي جي احتساب عدالت ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار ايف بي آر جي انسپيڪٽر ممتاز نظاماڻي کي جوڊيشل ريمانڊ تي 11 جنوري تائين جيل موڪلي ڇڏيو، نيب کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

نيب ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار ايف بي آر جي انسپيڪٽر ممتاز نظاماڻي کي جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت ممتاز نظاماڻي کي 11 جنوري تائين جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ نيب کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

واضح رهي ته ايف بي آر جي انسپيڪٽر ممتاز نظاماڻي کي 2 هفتا اڳ گرفتار ڪيو هو، مٿس جعلي ڪمپنين کي سبسڊي ڏئي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي.

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*