سياسي پارٽين پاران تڪراري قرار ڏنل اليڪشن ڪميشن جي چئني ميمبرن استعفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

سياسي پارٽين پاران تڪراري قرار ڏنل اليڪشن ڪميشن جي چئني ميمبرن استعفيٰ کان  انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ميمبرن جو چوڻ آهي ته جنهن کي به  اعتراض آهي اهي سپريم جوڊيشل ڪائونسل سان رابطو ڪن، هو ڪنهن جي فرمائش تي هو استعفيٰ نه ڏيندا.

 ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن جي چئني ميمبرن سياسي پارٽين پاران  ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائڻ باوجود استعفيٰ کان انڪار ڪيو آهي، ميمبرن جو چوڻ آهي ته،هو ڌانڌلي ۾ ملوث ناهن، استعفيٰ ڏيڻ جو مقصد هوندو ته ڄڻ هو ملوث آهن.

اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن چيو ته تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي کين سبق قانوني قاعدن ۽ ضابطن جو سبق نه ڏين، جيڪڏهن ڪنهن کي اعتراض آهي ته هو سپريم جوڊيشل ڪائونسل سان رابطو ڪن.

ميمبرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن جي فرمائش تي هـُو استعفيٰ نه ڏيندا، کين سپريم جوڊيشل ڪائونسل ذريعي ئي هٽائي سگهجي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*