صوفي شاهه عنايت شهيد جي ميلي جون ٽئين ڏينهن به تقريبون جاري

صوفي شاهه عنايت شهيد جي ميلي جون ٽئين ڏينهن واريون تقريبون صوفياڻي رنگ سان جاري آهن، درگاهه وٽ ٺهيل ڪَثرِ قلندر ۽ فقيرن جي گنج شريف تي روايتي سماع جو سلسلو به هلندڙ آهي.

صوفي شاهه عنايت شهيد جي ميلي جون تقريبون ٽين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويون آهن، جهوڪ جي نگري “حق موجود، صدا موجود” جي صدائن سان گونجي رهي آهي.

ٽين ڌمال جي موقعي تي درگاهه جي احاطي ۾ ٺهيل ڪثر قلندر وٽ صوفي راڳي امام الدين ڊکڻ پاران صوفي راڳ پيش ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته شهيد فقيرن جي قبرن گنج شريف وٽ ڏيئا ٻاري روايتي سماع ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي.

شام جو درگاهه جي اڱڻ ۾ صوفي ڪچهري ڪئي وئي، جنهن دوران راڳي شفيع فقير، سهڻو فقير، سرفراز شاهه ۽ ٻين راڳين صوفي شاعرن جو ڪلام پيش ڪري ماڻهن مٿان وجد طاري ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*