ڪنڌڪوٽ ۾ حد دخلين خلاف آپريشن دوران 60 کان وڌيڪ دڪان ڊاهي پٽ ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ 300 دڪاندارن کي نوٽيس جاري ڪيا

kandhkot-opriton

ڪنڌڪوٽ  ۾ حد دخلين خلاف آپريشن دوران 60 کان وڌيڪ دڪان ڊاهي پٽ ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ 300 دڪاندارن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، انتظاميا موجب شهر جي مک روڊن جي ٻنهي پاسن کان 70 فوٽن تائين حد دخلين کي ڊاهي پٽ ڪيو ويندو.

گذريل ڏينهن ضلعي انتظاميا حد دخلين خلاف ڪارروائي ڪري شڪارپور مين روڊ تي ٺهيل 60 دڪان ڊاهي پٽ ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ 300 دڪانن کي نوٽيس به جاري ڪيا آهن.

ضلعي انتظاميه موجب نئين منصوبي تحت شڪارپور مين روڊ، رسالدار مين روڊ ۽ گهنٽه گهر کان جهولي لال باءِ پاس تائين روڊ 70 فوٽ ويڪرو ڪيو ويندو، جنهن ۾ ايندڙ سموريون حد دخليون هٽايون وينديون.

انتظاميا جي ڪارروائي سبب سوين دڪانن سميت هڪ نجي بئنڪ، اسڪول ۽ جانورن جي اسپتال سميت ٻيون اهم عمارت به ڊهڻ جو خدشو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*