ڪنڌڪوٽ ويجهو پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد بعد ٻن ڄڻن کي کنڀي وئي

KANDH

ڪنڌڪوٽ ويجهو پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد بعد ٻن ڄڻن کي کنڀي وئي، جنهن ۾ هڪ ٻارڙِي ۽ ٻه عورتون زخمي ٿي پيون، جڏهن ته ٻن کي بيهوشيءَ واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڳوٺاڻن الزام هنيو آهي ته ڏوهارين جي آڙ ۾ مٿن ظلم ڪيو پيو وڃي.

ڳوٺ احمد خان تي پوليس چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد ٻن ڄڻن کي کنڀي کڻي وئي.

پوليس تشدد ۾ هڪ ٻارڙِي ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون، جڏهن ته 2 عورتون بيهوش ٿي ويون، جن کي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

ڳوٺاڻن پوليس چڙهائي خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ڏوهارين جي آڙ ۾ مٿن ظلم ڪيو پيو وڃي، پوليس بنا جواز چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو.

هنن مطالبو ڪيو ته پوليس جي ظلم جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*